Introduction & Contact
Introduction to Indus Global
Indus Global is a platform to provide assistance to Job Seekers. The main objectives are outlined as under:
OBJECTIVES
1- To facilitate Skilled, Semi-Skilled and Technical Manpower in finding relevant job opportunities in and out of Pakistan.
2- To develop Linkages with Employers.
3- To establish working relationships with National and International Recruiting Agencies.
3- To acquire and disseminate the knowledge in respect of available job opportunities.
4- To groom job-seekers in areas of Personality building, Interview Skills, CV Making and other screening criteria.
5- To conduct training/orientation sessions for technical/computer/and communication skills development.
6- To provide guidance to successful candidates (of overseas employment) in acquiring various documents e.g. Visa, Tickets, Passports, Medical Certificats, Testimonial Verifications / Attestations etc).
The TEAM
Indus Global team is comprised of Veterans, Overseas Pakistanis and Professionals from assorted fields. The team as a whole possesses varied related experiences spanning from Hi-Tech Academia to Patriotic Expatriates; & from seasoned Bankers to IT Developers.
Geographic LOCATION
Indus Global was initially formed at Qasimabad-Hyderabad, however, owing to technological breakthroughs in last decade we feel that there's no geographic boundary in serving our stakeholders. We are eager to introduce electronic/digital platforms to lessen the cost and time of travel.
Contact us
Imran Dahraj - 0332-3503-064
Muzafar Khawaja - 0344-3449-786
or Visit:
Prof. Mushtaq Mirani Sb
Qasr-e-Naz, Green Homes,
Qasimabad, Hyderabad.
Sindhi Version:
پاکستان ۽ پاکستان کان ٻاھر ملکن ۾ ایکیھین صدي ۾ جنھن رفتار سان ترقي ٿي رھي آھي سا اڳ ڏسڻ ۾ نہ آئي آھي۔ ھن وقت دیس پردیس ۾ نوان نوان ترقیاتي ۽ صنعتي منصوُبا سَون شھرن ۽ صنعتي علائقن ۾ ھلي رھيا آھن۔ مختلف قسمن جون سھولتون عوام تائین پھچائڻ خاطر سرکاري ۽ کاروباري ادارا وڏي سرمایہ کاري کري رھیا آھن۔ انٽرنیٽ جي کیبل ھجي یا میٽرو بس ، ھائپر لوُپ جھڙو منصوبو ھجي یا جدید ایئرپورٽ ، اسپتال کانوٺي یونیورسٽي ، شاپنگ مال تہ ھک طرف پر سڄآ جا سڄآ نوان شھر پیا تعمیر ٿین ۔ انھن سڀني ترقیاتي منصوبن ۾ لازمي طرح لاڳاپیل ھنرمندن ۽ ماھرن جي ضرورت پوندي آھي۔
سنڌ صوبي جي اندرین وسندین ۽ شھرن ۾ بیشُمار نوجوان اھڙین رٿائن ۾ تجربو حاصل کرڻ ۾ دلچسپي رکندا آھن ۔ پر معلوماتي ۽ رھنمائي سھولتون نہ ھجڻ ۽ کراچي ۾ ملازمت جي مٽاء سٽاء وارن ادارن ۾ رسائي نہ ھجڻ سبب کیترائي ماھر ۽ ھنرمند نوجوان سُٺین ملازمتن کان محروُم رھجي ویندا آھن۔ انھن سڀني عوامل کي نظر ۾ رکندي انڊس گلوبل جو فورم محترم پروفیسر مشتاق میِراڻي صاحب جي اڳواڻي ۾ تشکیل ڏنو ویو آھي۔ میِراڻي صاحب جي شخصیت پاکستان جي ھُنرمندي واري شعبي ۾ کنھن بہ تعارف جي محتاج نہ آھي - سندن تعلیم ، قابلیت ۽ خدمتون پاکستان ۽ خاص طرح سنڌ صوبي جي کنھن بہ پروفیسر توڻي شاگرد کان ڳجھیون نہ آھن ۔ مختصرآ ، سائین مشتاق میِراڻي صاحب مھراڻ ینیورسٽي ۾ ھِیرا تراشڻ جي خدمت ڏیندا رھیا آھن ۔ فورم جا ٻیا معزز میمبر بہ لاڳاپیل شعبن جا ماھر آھن۔
انڊس گلوبل جو مقصد
انڊس گلوبل جو مکیہ مقصد سنڌ صوبي جي ھنرمند ۽ ماھر نوجوانن کي پاکستان ۽ پاکستان کان ٻاھر ملکن ۾ روزگار ۽ کاروبار جي حاصلات لاء معاونت فراھم کرڻ آھي۔ انھيء مقصد کي حاصل کرڻ لاء اسان ھیٺ بیان کیل نُقطن کي پنھنجا عمليِ نُقطا سمجھندا آھیون
ملک اندر ۽ ملک کان ٻاھر صنعتي، ترقیاتي ۽ واپاري ادارن سان ملازمت جون گھربل اسامیون تلاش کرڻ لاء رسمي طور تي لھ وچڙ ۾ اچڻ۔
ملک اندر ۽ ملک کان ٻاھر ملازمت جي مٽاء سٽاء وارن ادارن کي گھرج آھر دلچسپي رکندڙ ھنر مند نوجوانن جي سنڌ صوبي اندر تلاش کرڻ ۾ مدد ڏیڻ۔
دلچسپي رکندڙ ھنرمند ۽ ماھر (جھڙوک ڊاکٽر، نرس انجنیئر، معمار، بزنس ایڊمنسٽریٽر) شخصن جو پروفائل کمپيوٽر ڊیٽابیس تي رکڻ ۽ گھرج مؤجب رابطو کرڻ۔
ادارن جا اسامین جا اشتھار سوشل میڊیا تي ونڊڻ۔
ھنرمند نوجوانن کي انٽر ویو، رسمي ڳالھ ٻولھ ۽ کمپیوٽر استعمال کرڻ ۾ تربیت ڏیڻ۔
پردیس ۾ ملازمت حاصل کرڻ ۾ کامیاب ٿیندڙ نوجوانن کي ویزا، پاسپورٽ، تعلیمي سندن جي تصدیق ۽ چکاس وارن مرحلن ۾ رھنمائي ڏیڻ۔